ٺري ميرواهه ۾ گم ٿيل 2 ماسات نينگر تشدد ڪري قتل: ريگستان مان لاش هٿ

ٺري ميرواهه ۾ گم ٿيل 2 ماسات نينگر تشدد ڪري قتل: ريگستان مان لاش هٿ

ٺري ميرواھه/چونڊڪو (نمائندن وٽان) ٺري ميرواھ جي ريگستاني علائقي مان ڪاٺيون ڪرڻ دوران  پراسرار نموني ٻن ڏينهن کان گم ٿي ويل ڳوٺ سيفل خان چنا واسي ٻن ماسات نينگرن 13 ورھين جي عجيب رحمان پٽ ولي محمد چنا ۽ 15 ورھين جي علي رضا پٽ نجم الدين چنا جا ريگستاني علائقي سوراھ ٿاڻي جي حد کرکنو مان گوليون لڳل لاش هٿ ڪيا ويا آهن، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، ڄاڻ موجب نينگرن جالاش گوليون لڳل ۽ تشدد ٿيل هئا، پوليس موجب ٻنھي نينگرن کي تشدد بعد مٿي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آهي،  وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد خبر پئجي سگهندي، ٻي طرف وارثن موجب نينگر ريگستان مان ڪاٺيون ڪرڻ جي لاءِ ويندا هئا، ريگستان مان گم ٿي ويا هئا، ٻن ڏينهن کان ڳولا ڪئي پر سندن پتو نه پئجي سگهيو، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.