| ٺل مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان تي ڪيس داخل: قتل جا الزام |
ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن پوليس پ ران بولاڪي موڙ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار علي جان ملغاڻي واري واقعي جو ڪيس ايس ايچ او اي سيڪشن محمد ايوب ڊوگر جي فرياد تي پوليس مقابلي جو ڪيس مارجي ويل جوابدار علي جان ملغاڻي سميت سندس 3 نامعلوم جوابدارن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار ڏوهه جي ارادي سان بيٺل آهن پوليس پهتي ته مقابلي ٿي پيو جتي هڪ جوابدار علي جان ملغاڻي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ۽ ٽي ساٿي فرار ٿي ويا هوڏانهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جو لاش 12 ڪلاڪن کان اسپتال ۾ پيل رهيو جنهن جو مڙه سندس ناني جي حوالي ڪري ڇڏيو مارجي ويل جوابدار جي ناني ميهر خاتون ٻڌايو ته منهنجو ڏوهٽو گذريل ٻن ڏينهن کان گم هو جنهن جي گذريل رات دير سان خبر پئي ته هن کي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي هن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته هن کي علي جان ملغاڻي کي دوستن ئي قتل ڪرايو آهي.