ٺل واسي استاد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت، لاش رکي ٽائر ساڙي ڌرڻو

مارچ 17, 2025

ٺل(ن پ ا) ٺل ڀرسان ڳوٺ ارصلاح خان بنگلاڻي جي رهواسي پرائمري استاد امداد عرف لالو بنگلاڻي کي پوليس پاران 6 ڏينهن اڳ گرفتار ڪري پنهنجي حراست ۾ رکيو هو،جنهن کي آزاد ڪيو ويو، پرائمري استاد امداد عرف لالو بنگلاڻي جي مٿان پوليس پاران مبينا تشدد ڪيو ويو،جنهن سبب کيس سکر جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي پرائمري استاد امداد عرف لالو بنگلاڻي فوت ٿي ويو.ڪالهه ئي بنگلاڻي برادري جي سوين ماڻهن پاران چيف مقدم جهانگير خان بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ پرائمري استاد امداد عرف لالو بنگلاڻي جو لاش ٺل جي رهبر چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي ٺل جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي، مظاهرين پوليس انتظاميه جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. فوتي امداد بنگلاڻي جي ڀاءُ نواب بنگلاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته استاد امداد بنگلاڻي کي پوليس 6 ڏينهن پنهنجي حراست ۾ رکيو بعد ۾ تشدد ڪري آزاد ڪيو هو،جنهن بعد هو فوت ٿي ويو،اسان جو ڪيس پوليس جي مٿان داخل ڪيو وڃي، هن چيو ته ايس ايڇ او محمد ايوب ڊوگر اسان کان 05 لک روپيه گهريا نه ڏيڻ تي پوليس پاران منهنجي ڀاءٌ جي مٿان تشدد ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هو فوت ٿيو آهي، ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ پوليس بدنام ڏوهاري مڇو بنگلاڻي جي سهولت ڪاري جي الزام هيٺ استاد امداد بنگلاڻي ، استاد بشير بنگلاڻي کي گرفتار ڪيو هو،جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو.جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ٽي سي ايف اسڪول جي ماسترياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سميت سوئي گيس جي انجنيئر آفيسر،گارڊ کي اغوا ڪيو ويو هو جن کي پوليس پاران ڊيل ذريعي بازياب ڪرايو هو،ڊيل تحت گرفتار ٿيل مرد توڙي عورتن کي آزاد ڪيو ويو هو.

 

Leave A Comment