ٺل : واپاري کان50 لک ڀتو طلب، آڊيو ڪال وائرل

جُولاءِ 2, 2025

ٺل  ( پنهنجي ڊيسڪ )  ٺل ۾ سوناري فيضان مغل کان بدنام ڌاڙيل جهرو بنگلاڻي پاران فون ڪري50 لک ڀتو طلب ڪري ورتو آهي، آڊيو ڪال سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ڌاڙيل واپاري کي ڀتو نه ڏيڻ تي اسڪول ويندڙ ٻارن کي اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي بدنام ڌاڙيل واپاري کي اهو به چيو ته ڀلي منهنجو وائيس ايس ايس پي جيڪب آباد کي ٻڌائي ڇڏ، ڌاڙيل جهرو بنگلاڻي واپاري کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته  مان ايس ايس پي جيڪب آباد کان ڀتو وٺندوآهيان، تون مون کي ڇا ڪندي،  ڏوهاري پاران واپاري کان ڀتو طلب ڪرڻ بعد واپاري پريشاني جوشڪار ٿي ويو، جڏهن ته هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب