ٺل:اسڪول کلڻ جي پهرين ئي ڏينهن ڪلاس روم ۾ چاپڙ ڪرڻ سبب 3 شاگرد زخمي

آگسٽ 1, 2023

ٺل(رپورٽر) ٺل ويجهو اونهاري جي موڪلن بعد اسڪول کلڻ جي پهرين ئي ڏينهن ڪلاس روم ۾ چاپڙ ڪرڻ سبب 3 شاگرد زخمي ٿي پيا

ڳوٺ مزاري لاشاري ۾ اونهاري جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد پهرين ڏينهن ئي پڙهائي شروع ٿي ته هڪ ڪلاس روم جي  ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب 3 شاگرد زخمي ٿي پيا

زخمين ۾ هڪ شاگردياڻي به شامل آهي کين اسپتال مان مرهم پٽي ڪرائي گهر روانو ڪيو ويو

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزاري لاشاري جي ڇت جا ڇاپڙ زبون هجڻ ڪري ڪري پيا آهن جنهن لاءِ ڪيترائي ڀيرا  اعليٰ اختيارين کي خط به اماڻي چڪا آهيون پر ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي

ٻئي طرف اسڪول جي استادن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت برسات پوڻ جي ڪري زبون ٿي وئي آهي جنهن سبب ڪلاس روم جا  چاپڙ ڪري پيا آهن

Leave A Comment