ٺل ويجهو ماسترياڻين جي اغوا وارو معاملو، اسڪول کي تالا لڳل، پڙهائي بند، احتجاج
مارچ 11, 2025
ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو بنگلاڻي ۾ پنج ڏينهن اڳ اسڪول ايندي ليڊي ٽيچرز کي مبينا اغوا جي ڪوشش بعد ٽيچرز اڄ پنجين ڏينهن به اسڪول نه اچي سگهيون آهن، جڏهن ته اسڪول کي بدستور تالا لڳل آهن، جنهن ڪري سوين شاگردن جي تعليم متاثر بڻيل آهي، ان ڏس ۾ اسڪول جي شاگردن پاران تعليمي سرگرمين جي بحالي لاءِ اسڪول آڏو گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي مظاهرين شاگردن شير رحمان، نائلا، دانش علي، افضا علي ۽ ٻين چيو ته پنج ڏينهن اڳ هٿياربندن اسان جي ٽيچرز کي اسڪول ايندي وين سميت اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ڪري ٽيچرز خوف سبب اسڪول نه پيون اچن اسان جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، اسان جي اسڪول ۾ سوين شاگرد تعليم جهڙي سهولت کان وانجهيل آهن، پوليس اسان جي ٽيچرز کي سيڪورٽي ڏئي اسان جي تعليم بحال ڪئي وڃي، ان حوالي اسڪول جي مالڪ شفقت بنگلاڻي ٻڌايو ته اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رڳو اسڪول ان ڪري کولرايو سين ته اسان جي پٺ تي پيل ڳوٺن جا ٻار تعليم جهڙي زيور سان منور ٿين پر ڪجهه تعليم دشمن ڏوهاري اسان جي مستقل جي معمارن کي تعليم جهڙو زيور کسڻ لاءِ ناپاڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن هن گهر ڪئي ته اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون بحال ڪري ڏنيون وڃن.