ٺل ويجهو نوجوان مبينا اغوا

جُون 12, 2025

ٺل   ( پنهنجي ڊيسڪ ) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ باقر خان بنگلاڻي وٽان نوجوان مبينا اغوا ٿي ويو

، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ باقر خان بنگلاڻي وٽان هٿياربند سرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جي رستا روڪ ڪري پورهيت جاويد پهوڙ کي اغوا ڪري ويا

مغوي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان سرن جي ٽريڪٽرٽرالي ڀري ڳوٺ شاهنواز بنگلاڻي کڻي وڃي رهيو هو ته ڌاڙيل کيس رستي مان اغوا ڪيو آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي

 ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته  اطلاع مليو آهي ته وڇون بنگلاڻي جي گينگ نوجوان کي اغوا ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل