ٺل ويجهو ٻالڪ کي نانگ ڪکي وڌو، اسپتال نيئندي فوت

آگسٽ 4, 2023

ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو معصوم ٻالڪ نانگ ڪکڻ سبب فوت، خبر موجب ڳوٺ ٻچڙو ۾ 3 ورهين جي ٻالڪ فدا حسين ولد صدام حسين کوسو کي نانگ ڪکي وڌو

ٻالڪ کي وارث بيهوشي جي حالت ۾ علاج لاءِ اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

 ٻالڪ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا

Leave A Comment