ٺل ويجهو ڪارنهن تڪرار تان عورت سوڌو ٽن خونن جو جرڳو: ساڍا 5 ڪروڙ ڏنڊ

ٺل ويجهو ڪارنهن تڪرار تان عورت سوڌو ٽن خونن جو جرڳو: ساڍا 5 ڪروڙ ڏنڊ

ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ويجهو چار سال اڳ ڪارنهن تڪرار هيٺ هڪ عورت سميت ٽن قتلن جو جرڳو، ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر تي ساڍا 5 ڪروڙ ڏنڊ رکيو ويو. تفصيل موجب ٺل جي ڳوٺ رانجهو کوسو ۾ چار سال اڳ محمد اسحاق عرف ميرڻ کوسو ۽ دوست علي کوسو ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن جي قتل جو جرڳو کوسا برادري جي سردار سخي عبدالرزاق کوسو جي سرپئنچي هيٺ صوبائي وزير بلوچستان سليم کوسو جي بنگلي تي ٿيو، اسحاق عرف ميرڻ ڌر تي ساڍا 5 ڪروڙ ڏنڊ رکيو ويو جڏهن ته جرڳي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر جي قتل ٿيل نوجوان عبدالله کوسو جو قتل ڦوڪ ٿي ويو، يعني ان جي خون بها وغيره نه رکي وئي، جرڳي ۾ مقتول شوڪت علي ۽ صغريٰ کوسو جي قتل ۽ خرچ جا ساڍا 5 ڪروڙ مقرر ڪيو ويو، جتي الزام هيٺ آيل ڌر اسحاق عرف ميرڻ کوسو کي 50 لک رپيا جهولي جهلڻ تي معاف ڪيا ويا، 5 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا، جرڳي ۾ ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ڳوٺ رانجهو کوسو ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ عبدالله کوسو ۽ عورت صغريٰ کوسو کي قتل ڪيو ويو هو ڪجهه عرصي کان پوءِ شوڪت کوسو به مارجي ويو هو.