| ٺل ويجھو زمين تڪرار تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نينگري قتل |
ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ويجهو سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول بخش نوناري ۾ زمين جي تڪرار تان مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جتي مامي فائرنگ ڪري ڀاڻيجي جي 10 ورهين جي ڌيءُ ياسمين نوناري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ باوجود پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي جڏهن ته قتل ٿيل نينگري جو لاش وارث کڻائي ٺل جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نينگري جي والد غلام حسين نوناري ٻڌايو ته محمد اسماعيل نوناري جي ڌر سان زميني تڪرار هلندڙ هو جوابدارن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري منهنجي ڌيءُ کي قتل ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان نينگري قتل ٿي آهي،جڏهن ته قتل ٿي ويل نينگري جو ڪيس 7 نامزد ۽ ٻه نامعلوم سميت 9 ڄڻن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، مقتول نينگري جي والد غلام حسين ولد سردار خان نوناري جي فرياد تي سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ امير بخش، فقير محمد، عبدالوهاب، ابل خير، شبير احمد، رشيد، سهيل احمد سميت ٻن نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار امير بخش ڌر سان زمين جو تڪرار هلندڙ هو جيڪي اسان سان ڪاوڙيل هئا جيڪي زمين تي ڪم ڪرڻ کان روڪيو هو قتل جون ڌمڪيون ڏنيون هيون