ٺل ويجھو مبينا مقابلو، 20 لک انعام يافته جوابدار مارڻ جي دعويٰ

ٺل ويجھو مبينا مقابلو، 20 لک انعام يافته جوابدار مارڻ جي دعويٰ

ٺل(ن پ ا)ٺل ويجهو بولاڪي لڳ ايلچي سيڪشن پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو، جتي جوابي فائرنگ ۾ 20 لک انعام رکيل ڏوهاري علي جان ملغاڻي کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايچ او اي سيڪشن ايوب ڊوگر  ٻڌايو ته ڌاڙيلن سان پوليس مقابلو ٿيو جتي هڪ ڏوهاري مارجي ويو، مقابلي بعد  3 هٿياربند فرار ٿي ويا،پوليس موجب  مارجي ويل جي نالي جي سڃاڻپ علي جان پٽ خان محمد ملغاڻي جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي وئي مارجي ويل مٿان 50 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن مارجي ويل مٿان سنڌ حڪومت جي طرفان 20 لک انعام رکيل هو.