| ٺل ويجھو ڦر دوران مزاحمت تي پيرسن گوليون هڻي قتل، هڪ ڄڻو زخمي |
ٺل(ن پ ا) ٺل ڀرسان سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ آزاد خان کوسو وٽ صلاح الدين ڊول کان موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن ظفر الله ڊول کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب صلاح الدين زخمي ٿي پيو، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي، هٿياربندن فرار ٿي ويا، مقتول ۽ زخمي کي وارثن کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف پوليس موجب فريادي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.