ٺل ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ  عورت قتل، مڙس ۽ ڏير تي الزام، سئوٽ گرفتار

ٺل ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ  عورت قتل، مڙس ۽ ڏير تي الزام، سئوٽ گرفتار

ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جهانگي واهه ۾ ۾ جوابدار مڙس محمد شريف ملڪ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهر واري نسيمان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتولا عورت جي چاچي ٻڌايو ته منهنجي ڀائٽي کي ڪارنهن الزام ڏئي مڙس ۽ ڏير قتل ڪيو پر پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ بدران منهنجي پٽن کي گرفتار ڪيو آهي هن چيو ته واقعي جو ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن پوليس موجب واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو۔جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.