ٺل ڀرسان جوابدارگهرو اڻبڻت تان زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو
ڊسمبر 10, 2024
ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان بنگلاڻي ۾ جوابدار علي حسن بنگلاڻي پنهنجي زال اميران خاتون کي گهرو تڪرار تان گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ٺل جي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتولا عورت جي والد ٻڌايو ته منهنجي ڌي کي بلاجواز گهٽا ڏئي قتل ڪري هن ظلم ڪيو آهي ٻئي پاسي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار علي حسن بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو.