ٺل ۾ آپريشن، مارٽر گولا فائر، 4 جوابدار زخمي

ٺل ۾ آپريشن، مارٽر گولا فائر، 4 جوابدار زخمي

ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جو آپريشن، مارٽر گولا فائر، جهرو بنگلاڻي سميت  4 جوابدار زخمي ٿيڻ جا اطلاع، ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ جي اڳواڻي ۾ کرڙو ٽيل واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو، پوليس جوابدارن جي ٺڪاڻن تي ڊورن فائر ڪيا، جنهن دوران ڪيترن ئي جوابدارن جا ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا، جڏهن ته آپريشن دوران جهرو بنگلاڻي، نيڪو، مجو ۽ پيارو سميت 4 ڏوهاري زخمي ٿي پيا، جن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ جهرو بنگلاڻي سميت سندس ساٿي معمولي زخمي ٿيل نظر اچن ٿا. جڏهن ته پوليس آپريشن بابت ايس ايس پي جيڪب آباد سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.