ٺل ۾ ايڪتا موسيقي جي محفل، مچ ڪچهري، سرن ورکا

نومبر 24, 2024

ٺل (ن پ ا) ٺل  ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران “انتها پسندن کان آجي سنڌ” جي عنوان هيٺ رشيد ڀٽي وسيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حسن آباد  جي پرائمري اسڪول حسن آباد ۾ ايڪتا محفل موسيقي ۽ مچ ڪچهري منعقد ڪرائي وئي، جنهن ۾ قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن سنڌ جي ناليواري فنڪارن شرڪت ڪئي، مچ ڪچهري ۽ محفل موسيقي ۾ شريڪ ناليواري فنڪارن محمد مٺل چنو ۽ ٻين قومي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو. رشيد ڀٽي، وسيم قريشي، بشير سرڪي ۽ ٻين چيو ته علي قاضي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پوري سنڌي قوم کي هڪ جاءِ تي متحد ڪيو ۽ سجاڳ ڪندي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سجاڳ ڪيو، سنڌ ۾ انتها پسندي جي ڪابه گنجائش ناهي.

Leave A Comment