ٺل ۾ عورت مبينا طور بااثرن وٽ قيد: اغوا ۽ حمل ضايع ڪرڻ جو ڪيس داخل

ٺل ۾ عورت مبينا طور بااثرن وٽ قيد: اغوا ۽ حمل ضايع ڪرڻ جو ڪيس داخل

ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حدڳوٺ صاحبڏنو سومرو مان مهينو اڳ اغوا ٿيل ڳورهاري عورت رخسانه سومرو جي اغوا ۽ حمل ضايع ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس 5 سڃاتل ۽ ٻه نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، مغوي عورت رخسانه سومرو جي مڙس نظام الدين سومرو جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ماجد علي،شاهد علي،ذوالفقار علي،عمران هزار خان سميت ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، مغوي عورت رخسانه سومرو جي مڙس نظام الدين دانيهو ته منهنجي گهر واري رخسانه کي مهينو اڳ جوابدارن اغوا ڪيو بعد ۾ منهنجي گهر واريءَ جو حمل ضايع ڪري منهنجي نياڻي کي به قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ويا،زال واپس نه ٿي آهي انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن بي سيڪشن پوليس موجب ڪيس داخل ڪيو آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.