ٺل ۾ گهر مان موٽر چوري ڪندي اهلڪار سوگهو، پوليس حوالي

آڪٽوبر 1, 2023

ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ چوري ڪندي پوليس اهلڪار سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي، ڪيس داخل

 خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لاشاري محلي ۾ ربنواز لاشاري جي گهر ۾ چوري ڪرڻ لاءِ چور گهڙيا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، جن مڙسي ڪري هڪ چور پوليس اهلڪار نادر علي ٻرڙو کي سوگهو ڪري ورتو

 جڏهن ته ٻيا فرار ٿي ويا، سوگهي ڪيل پوليس اهلڪار کي مارڪٽ بعد اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس ربنواز لاشاري جي فرياد تي پوليس اهلڪار نادر علي ٻرڙو خلاف موٽر پمپ چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment