ٺهرائن مان ڪجهه نه ٿيندو، سنڌو مان ڪئنال نڪرن پيا: اياز لطيف  

  ٺهرائن مان ڪجهه نه ٿيندو، سنڌو مان ڪئنال نڪرن پيا: اياز لطيف  

قاضي احمد/ سڪرنڊ (نمائندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آھي ته نياڻين جي اعليٰ تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگهون، سنڌ جي هر ڌيءَ پڙهيل هجي ته جيئن صوبي ۾ علم جي روشني پکڙجي، پيپلز پارٽي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪري رهي آهي، ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، شاگردن کي گهرجي ته اهي ميرٽ جي بحالي ۽ تعليمي انقلاب لاءِ جدوجهد ڪن، ڪالهه هتي مختلف تقريبن کي خطاب ڪندي هن چيو ته  سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ تعليمي نظام کي طبقاتي بڻايو ويو آهي غريب شاگردن لاءِ تعليمي ادارن جا در بند ۽ غريبن لاءِ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ خودڪشين جا در کوليل آهن، هن وڌيڪ چيو ته انجنيئر رڳو پل ٺاهڻ وارا نه پر سماج ۾ تبديلي آڻڻ وارا اڳواڻ هئڻ گهرجن، صرف ڊگريون حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، هن چيو ته سنڌو مٿان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا اڃا ختم ناهي  ٿي، قراداد جي منظورين سان ڪجهه نه ٿيندو. توهان قراداد ته پيش ڪئي پر ڪئنال وري به ٺهن پيا، هن چيو ته  پ پ وارا خوش آهن ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري ته جيئن سنڌ جا ماڻهو ڊڄي ساڻد گڏ بيهن. هن چيو ته صدر زرداري ايم ڪيو ايم وارن سان ملاقات ڪري کين وزارتن جي آڇ ڪئي آهي.هن چيو ته  ڪجهه سياسي ماڻهو جدوجهد ۽ جلسن جي نالي تي پئسا وٺن ٿا، هن چيو ته  سنڌ جو سردار ايئن ٿيندو پيو وڃي جيئن پراڻا ريڊيا، ڪجهه وقت کان پوءِ ڪم جا ناهن رهندا.