ٺيڪن ۾ ڪرپشن ڪيس: پرويز الاهي 29 آگسٽ تائين نيب حوالي

آگسٽ 21, 2023

لاهور: (پنهنجي ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس جي ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي 29 آگسٽ تائين جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي جسماني ريمانڊ جو مدو مڪمل ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، احتساب عدالت جي جج زبير شهزاد ڪياني پرويز الاهي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب طرفان چوڌري پرويز الاهي جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي گھُر ڪئي وئي

پرويز الاهي جي  وڪيل ٻڌڻي دوران پنهنجي موقف ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو هو ته 21 آگسٽ تائين فيصلو ڪنداسين پر اڃان تائين هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس نه ٻڌو ويو آهي.، عدالت جيڪڏهن مناسب وقت لاءِ پرويز الاهي جو ريمانڊ منظور ڪري ٿي ته اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي

 پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي چيلهه ۾ تڪليف آهي،  پير به سڄي ويا آهن، ذاتي ڊاڪٽر سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي عدالت جواب ڏنو ته انهي معاملي کي به ڏسي ٿا وٺون، جنهن کان پوءِ عدالت  نيب طرفان 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو وڌيڪ 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو ته آئون ۽ پي ٽي آءِ  پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، فوج  هن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. مان دل جي گهرائين سان عدليه کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو

 پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته مان ميڊيا کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ميڊيا قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسيمبلين جي  ٽٽڻ کان پوءِ هنن جو  ظلم ميڊيا ڏيکاري رهيو آهي

 پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي جو نالو سائفر ۾ وجهڻ انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي، منهنجو پيغام آهي ته پي ٽي آءِ سان گڏ رهو، چونڊون وقت تي ٿيندي نظر نه پيون اچن هن ڀيري عدليه ڏانهن وينداسين

Leave A Comment