| ٺٽو: اڪنامڪ زون ۾ ٽيڪس وصولي خلاف اسٽي جاري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڪنامڪ زون ٺٽي ۾ زبردستي بائونڊري وال ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف درخواست تي اسٽي جاري ڪندي ضلعي ڪائونسل کي ٽيڪس وصولي کان روڪي ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ضلعي ڪائونسل کان 25 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين گنڊاپور چيو ته اڪنامڪ زون پاڪ چائنا معاهدي تحت 2020 ۾ قائم ٿيو هو، انهي ۾ 60 سيڪڙو سيڙپ چين جي آهي، قانوني طور تي ضلعي ڪائونسل کي اڪنامڪ زون کان ٽيڪس وصولي جو اختيار ناهي، ضلعي ڪائونسل درخواستگذارن کان 2 سئو رپيا في فٽ ٽيڪس طلب ڪري رهي آهي.