| ٺٽو جيل ۾ فوت قيديءَ جي سجاول ويجھو تدفين، قتل جو الزام |
سجاول (رپورٽر) نئين تعمير ٿيل ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل قيدي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، قيدي جو مڙھ اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، وارثن پاران قيدي کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو الزام هني ويو آهي. ان ڏس ۾ چند ڏينهن اڳ سجاول مان موٽر سائيڪل چوري جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل سجاول جي ڳوٺ حسين ملاح جي رھائشي 30 ورهين جي علي بخش ڪوچاريو کي ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو جيل اندر فوت ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته علي بخش کي گرفتاري بعد “هاف فرائي” ڪيو ويو ۽ جيل اندر به مٿس سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته علي بخش جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سول اسپتال ٺٽو مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏھن ته پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي قيدي علي بخش جيل ۾ خودڪشي ڪئي، جنهن جا ثبوت موجود آهن. جڏهن ته وارثن پوليس جو موقف رد ڪندي واقعي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. مرحوم علي بخش شادي شده هو ۽ ٻن پٽن ۽ چار ڌيئرن جو والد هو. مرحوم قيدي جي جنازي نماز سجاول لڳ سندس آبائي ڳوٺ حسين ڪوچاريو ۾ ادا ڪئي وئي.