ٺٽو جيل ۾ قيدي پراسرار نموني فوت، ڦاهو لڳل لاش هٿ، خودڪشي قرار، 2 ڀائر پوليس ويهاري ڇڏيا

ٺٽو جيل ۾ قيدي پراسرار نموني فوت، ڦاهو لڳل لاش هٿ، خودڪشي قرار، 2 ڀائر پوليس ويهاري ڇڏيا

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽو جيل ۾ قيدي پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنهن جو ڦاهو آيل لاش هٿ آيو، پوليس واقعو خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو.ان ڏس ۾سجاول جي ڳوٺ حسين ملاح واسي قيدي علي بخش ملاح جو مبينا طور تي ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو آھي واقعي جي اطلاع تي سول جج ٺٽو پڻ جيل پھچي قيدي بابت رپورٽ حاصل ڪئي . جڏھن ته پنھنجي اخبار جي پڻ رابطي ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو جي جيل سپرنٽنڊنٽ ايس پي حماد چانڊيو ٻڌايو آھي ته قيدي علي بخش ملاح جيل وارڊ جي واش رو۾ ۾  ڳلي ۾ ڦاھو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي ھن چيو آھي ته خوڪدشي ڪندڙ قيدي جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آھي ۽ قيدي جي وارثن جي اچڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو ھن اھو به چيو ته سجاول ٿاڻي تي قيدي تي پوليس مقابلي ۽ ٻين قلمن تي مشتمل ڪيس داخل آھي ھوڏانھن اھو به معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ مھينا اڳ سجاول پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ قيدي علي بخش ملاح کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ھيو جڏھن ته مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او الھ وسايو نوھڙي پڻ پنھنجي اخبار جي رابطي ڪرڻ تي چيو آھي ته قيدي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٺٽو مڪلي پھچايو ويو آھي جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو ھن چيو ته جيل اختيارين ۽ ھتان جي قيدين پاران چيو ويو آھي ته قيدي ڊپريشن جو شڪار ھيو ۽ ھن وارڊ جي واش روم ۾ پنھنجي اڳٺ سان ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد قيدي جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو ٻئي پاسي خبر جي فائيل ٿيڻ تائين قيدي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٺٽو پھتل ھيو پر ان جي وارثن جي نه پھچڻ سبب پوسٽ مارٽم ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي قيدي جي وارثن جو موقف سامھون اچي سگهيو ھيو جڏھن ته اسپتال ۾ پڻ وڏي پوليس نفري بيٺل ھئي. ٻئي پاسي قيدي علي بخش پٽ حسين ملاح جي وارثن ۽ ان جي گھر واري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ فوت ٿي ويل قيدي جا 2 پٽ 4 ڌيئرن سميت 6 معصوم ٻارڙا يتيم ٿي ويا آھن ھنن چيو تہ ھو. اسپتال پھتا آھن پر پوليس کين لاش بہ نٿي ڏيکاري جڏھن فوت ٿي ويل قيدي جو ڀاءُ سليمان ۽ سندس چاچو حافظ پڻ سوير پھتا انھن کي پڻ پوليس پاڻ وٽ ويھاري ڇڏيو آھي ھنن چيو آھي تہ ھن مھل تائين کين لاش بہ نٿو ڏيکاريو وڃي ھنن چيو تہ بيگناھ ٻين جي چوڻ تي سجاول پوليس دڙي موري وٽان گرفتار ڪري زخمي ڪيو جڏھن تہ ھنن اھو بہ ڇيو تہ بدين جيل ۾ علي بخش ٺيڪ ٺاڪ ھيو پر جيئن ٺٽي جيل ۾ آندو ويو تہ کين قيدي جو لاش ڏنو آھي. ھنن جيل ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪرڻ واري عمل کي رد ڪندي چيو آھي تہ علي بخش ڦاھو کائي خودڪشي نٿو ڪري سگھي باقي پوليس ان جي موت جو ڪارڻ ڦاھو کائي خودڪشي ڄاڻائي رھي آھي. پوليس لاش ڏنو آھي، جنھن سان ھن جا 6 معصوم ٻار ۽ گڪ گھرواري بيواھ يتيم ٿي ويا آھن. رات دير سان خبر جي فائيل ٿيڻ تائين فوت ٿي ويل قيدي جي گھرواري ۽ ان جا وارث سول اسپتال پھتل ھيا، پوليس جي وڏي نفري جي موجودگي ۾ رات دير سان  قيدي جي لاش جو پڻ  پوسٽ مارٽم جاري ھيو.