ٺٽو: شاهجهان مسجد جو امام دل بيهڻ سبب فوت
مَي 13, 2025
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو جي تاريخي بادشاهي شاهجهان مسجد جو خطيب ۽ امام قاري دل جي دوري پوڻ سبب هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، مغل دور جي ناليواري بادشاهه شاهجهان پاران ٺٽي ۾تعمير ڪرايل 100 گنبذن واري تاريخي بادشاهي شاهجهان جامع مسجد ٺٽي جو نائون خطيب، امام، قاري ۽ ضلعي زڪوات ڪاميٽي ٺٽي جو اڳوڻو چيئرمين عبدالباسط صديقي اوچتي دل جي دوري پوڻ سبب 52 ورهين جي عمر ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، بادشاهي شاهجهان مسجد جي وفات ڪري ويل خطيب قاري امام عبدالباسط جي جنازي نماز شاهجهان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ مفتي محمد جان نعيمي، پيرغلام رضواني جيلاني، مولوي فضل الله، پيرجان سرهندي سميت ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور، توڙي وڏي انگ ۾ عالمن ۽ شهرين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم جي جنازي نماز سندس پٽ مفتي محمد شاڪر پڙهائي جڏهن ته مرحوم جي تدفين اباڻي قبرستان مڪلي ۾ ڪئي وئي، وفات ڪري ويل بادشاهي شاحجهان مسجد جي نائين خطيب ۽ امام قاري عبدالباسط جو والد مرحوم مولوي عبدالباري صديقي ۽ سندس ڏاڏو مرحوم مفتي عبداللطيف صديقي پڻ شاهجهان مسجد جا خطيب ۽ امام رهيا آهن، جڏهن ته مرحوم مفتي جي جنازي نماز جي ادائيگيءَ کان اڳ سندس پٽ مفتي محمد شاڪر صديقي کي عالمن ۽ مشائخن پاران اعلان ڪري شاهجهان مسجد جي 10 هين خطيب ۽ امام طور جي پڻ دستاربندي ڪئي وئي.