ٺٽو: مڪلي واسي فوجي جوان وزيرستان ۾ شهيد
جُون 25, 2025
ٺٽو ( پنهنجي ڊيسڪ )مڪلي واسي پاڪ فوج جو جوان عادل ڏاوڇ وزيرستان ۾ ملڪ خاطردشمنن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو،پاڪ فوج جي جوان عادل ڏاوڇ جي شهادت جي تصديق سندس ڀاءُ پوليس اهلڪار بلاول ڏاوڇ ڪئي، شهيد عادل جو مڙھ روڊ رستي مڪلي آندو پيو وڃي سڀاڻي شام تائين مڙھ مڪلي پهچايو ويندو.