| ٺٽو: ناري جو اغوا بعد نڪاح، مٿو ڪوڙي تذليل، وڏيري تي الزام |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ ناريءَ وڏيري تي اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪرائڻ ۽ مٿو ڪوڙي تذليل ڪرڻ جا الزام هنيا، ور جي ڳوٺ بَچو چاڙو جي رهواسڻ ناري شازيه چاڙو ماءُ، پيءُ ۽ مامي سان گڏ پريس ڪلب پهتي، ناري شازيه چاڙو چيو ته وڏيري حسن ماڃريو، پانڌي ماڃريو ۽ ٻين اغوا ڪري شھمير ماڃرايو سان زبردستي نڪاح ڪرايو، مائٽن خلاف بيان نه ڏيڻ تي مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.