ٺٽو ڀرسان ڪي جي ڪئنال ۾ نوجوان ٻڏي ويو
جُون 12, 2025
ٺٽو ) پنهجي ڊيسڪ )ڪراچي کي پاڻي مھيا ڪندڙ ڪي جي ڪئنال ۾ نوجوان ٻُڏي ويو،ڳولا جاري آهي
ڳوٺ علي محمد ڪاتيار سامھون ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙڪي جي ڪئنال ۾ نوجوان شڪارپور واسي 22 سالن جو رضوان علي مهر ٻڏي ويو
نوجوان ھٿ مُنهن ڌوئڻ جي ڪوشش دوران پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ڪري پيو
واقعي جو وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مقامي ٽوٻن ذريعي نوجوان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.