ٺٽو ۾ “انتها پسنديءَ کان آجي سنڌ” ايڪتا محفل، لطيف جا سر وکيريا ويا، گيتن تي رقص
نومبر 30, 2024
ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي اعلانيل “انتها پسنديءَ کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ويجهي ايندي ۽ ان جي ڪاميابيءَ لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، ان ڏس ۾ پريس ڪلب ٺٽي جي اڱڻ تي پڻ شاندار ايڪتا راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي، رچايل راڳ واري محفل موسيقيءَ ۾ٺٽو ۽ سجاول سميت مختلف علائقن مان سَون جي تعداد ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڌرين سميت، ڌات ڌڻين، لاکيڻي لطيف جي ڄاڻوئن شرڪت ڪئي، سنڌ جي ڀلوڙ راڳي رفيق فقير، سنڌ وطن وطن آ منھنجو، ھڪ مند چري آھي ٻئي جا رات ٺَري آھي، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سھندو ڪير ميار او يار، جواني نه رھندي جواني رھندي، جڏھن ته لاڙ پٽي جي سدابھار ڪردار نبي بخش خاصخيلي، مٺو پانڌياڻي، رضوان سنڌي ٻولي ۾ ڪافيون ٻڌايون، جڏھن ته چنگ احمد علي چانڊيو، علي نواز لنجواڻي، لاکيڻي لطيف جي ڄاڻو ٻالڪ منظور ڀٽائي جا بيت ۽ وايون ٻڌائي سموري محفل کي جھومائي ڇڏيو، جڏهن ته ان موقعي تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو چيو ته روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ ۽ تجزئي نگار سينيئر صحافي علي قاضي کي جس آهي جنهن ايڪتا ۽ ٻڌي جي واٽ ڏسيندي سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ رهندڙ سنڌين کي پنهنجي ثقافت طرف راغب ڪري کين ٻڌي ۽ ايڪي ۾ رهي، سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ جي واٽ ڏسي آهي، هن چيو ته ايڪتا جو باني صحافي علي قاضي آهي، جنهن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي هر اشوءَ کي اڳتي آڻي ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ جي روايت قائم ڪندو اچي، جڏهن ته زڪوات عشر اوقاف ۽ مذهبي مامرن واري صوبائي وزير سيد رياض شاهه شيرازي پڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايڪتا ٻڌي آهي ۽ ايڪتا ڏهاڙي جي هر سال ملهائڻ وقت ڄڻ عيد جي خوشين جو ڏهاڙو هوندو آهي، پ پ جي اڳواڻي ضلعي جنرل سيڪريٽري پير غلام جيلاني، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اشرف پليجو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، آثار قديمه ٺٽي مڪلي جي ڪيوريٽر سيد غيور شاهه، ميونسپل ڪاميٽي ٺٽي جي چيئرمين محمد ميمڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي ترجمان رمضان ميمڻ چيو ته ايڪتا ڏهاڙو عيد جي خوشين جهڙي اهميت رکي ٿو ۽ انهيءَ ڏينهن جو سهرو نالي واري تجزئي نگار سينيئر صحافي علي قاضي وڃي ٿو، جڏهن ته پريس ڪلب ۾ رات دير تائين هلندڙ شاندار ثقافتي راڳ واري محفل ۾ پڻ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو ، پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، پ پ اڳواڻ عاشق حُسين زرداري، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چئيرمين عبدالحميد پنھور، ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي چئيرمين محمد ميمڻ، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر رزاق چانڊيو، اڳواڻ مٺان خان لاشاري، ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر جلال شاهه، ناٿو خان بروھي، راجو قريشي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن اشرف پليجو، ياسر جاکرو، تعليمدان حسن رند، گسٽا ضلعي صدر غلام نبي خشڪ، شيراز گل ميمڻ، انور ڪلمتي، حسن سومرو، شفيق آرائين، پ ٽ الف جي اڳواڻن شريف تُنيو، مُصطفيٰ بروھي، خيرمحمد بروھي، نور سرائي، حميد مھراڻوي، سماجي اڳواڻن حبيب الله رانٽو، قادر بخش اوٺو، عمران جوکيو، وحيد زنئور، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري امداد سرڪي، پ پ يوٿ جي ضلعي اڳواڻن غلام حيدر سَمون، نُورحسين سرڪي، سُھيل پليجو سميت گجو، گھارو، ڌاٻيجي، ميرپور ساڪرو، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، ڳاڙھو، مڪلي، جنگشاھي، جھمپير، سجاول، ميرپور بٺورو، ٻيلو، دڙو، کورواهه، سميت ٻين شھرن مان وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪري راڳين کي سندن ڳايل راڳ تي خوب داد ڏني.