| ٺٽو: 4 جنازا کڄڻ تي سوڳوار ماحول، آلين اکين سان تدفين، ڏکويلن وٽ ڪير لڙي نه ويو |
ٺٽو (رپورٽر) جهرڪ ويجهو ٻن معصوم ڌيئرن ۽ سندس گهر واري کي قتل ڪري خودڪشي ڪندڙ الھرکيو عرف رکو کوسو سميت چئن ڄڻن جي جنازي نماز جي ادائيگي بعد سندن جنازن کي ملاڪاتيار ويجهو درگاه مقبرو شريف جي قديمي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي جڏھن ته ان کان اڳ جهرڪ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڪيٽي کوسا جي دريائي پاسي ڪکائين گهر مان ھڪ ئي وقت 4 جنازن جي کڄڻ تي گهرن ۾ روڄ راڙي سان گڏ ڳوٺ ھر اک آلي ٿي وئي ڳوٺ ڪيٽي کوسا ۾ پيش آيل ھانءُ ڏاريندڙ واقعي جي پيش اچڻ باوجود چونڊيل نمائندن توڙي سياسي اڳواڻن تڏي تي وڃي ڏکويل خاندان سان ملاقات ڪئي آھي نہ ئي ھڪ ئي وقت چئن جنازن جي کڄڻ تي انھن جي تدفين ۾ شرڪت ڪري تڏي تي ساڻن تعذيت ڪئي آھي ٻئي پاسي پيءُ ھٿان ڪھاريون ھڻي زخمي ڪيل 4 معصوم ٻارڙن ۾ شامل 3 ڌيئرن کي علاج لاءِ حيدرآباد اسپتال ۾ رکيو ويو آھي جڏھن تہ نازڪ حالت ھجڻ ڪري زخمي پٽ نجيب الدين کي ڪراچي ٽراما اسپتال منقل ڪيو ويو .