ٺٽي جو واپاري اڳواڻ ڪامران غني ميمڻ فوت: شهر ۾ سوڳ

جُولاءِ 6, 2023

ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي شھر جي معزز شخصيت واپاري اڳواڻ مڪلي هاشم آباد  سوسائٽي جو چيئرمين ڪامران غني ميمڻ اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو سول اسپتال ٺٽو جي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

مڪلي هاشم آباد سوسائٽي جي چيئرمين ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامران غني ميمڻ کي ٺٽي ۾ سندس گهر تي دل جو دورو پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرن سندس موت رستي ۾ ئي اڳواٽ ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪامران غني ميمڻ اڳوڻو يوسي ناظم ۽ سرگرم سياسي سماجي اڳواڻ هو سندس اوچتي لاڏاڻي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ شھري سياسي سماجي ڪارڪن سول اسپتال ٺٽو پهچي ويا جڏهن ته ٺٽي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي

Leave A Comment