| ٺٽي جيل ۾ قيدي جو موت: پوسٽ مارٽم رپورٽ لاءِ مهلت گهري وئي |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ 2 ھفتا اڳ فوت ٿي ويل قيدي علي بخش ملاح جي سيشن ڪورٽ ٺٽو جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران قيدي علي بخش ملاح جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل آفيسر عدالت ۾ پيش عدالت کي عدالت کي استدعا ڪئي تہ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ناھي ٿي سگهي تنھنڪري ٻي تاريخ ڏني وڃي جڏھن تہ عدالت ان موقعي تي ايندڙ ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪندي ميڊيڪل آفيسر کي ايندڙ تاريخ تي حتمي رپورٽ سوڌو پيش ٿيڻ سان گڏ جيل سپرنٽنڊينٽ کي پڻ طلب ڪري ورتو آھي ان موقعي تي پڻ درخواست ڏيندڙ فوتي قيدي جي بيواھ حُسنا ملاح پنهنجي ٻارڙن ۽ فوتي قيدي علي بخش ملاح جي امڙ جنت ملاح سان گڏ پيش ٿي