| ٺٽي جي سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، گھوڙا ٻاري ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سخت کوٽ |
ڳاڙھو (ن پ ا) ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءَ وارن علائقن ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، گھوڙٻاري تعلقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جَر جو پاڻي کارو ۽ زهريلو ٿيڻ ڪري هزارين رهواسي هيپاٽائيٽس سميت پيٽ جي مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. علائقي واسين پاران تڪ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير کان ترت فلٽر پلانٽ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سڄاڻ ڌرين ۽ رهواسين چيو ته ساحلي پٽي ۾ جَر جو پاڻي مڪمل طور کارو ۽ زهريلو ٿي چڪو آهي. پيئڻ جي پاڻيءَ جو ٻيو ڪو به ذريعو نه هجڻ ڪري مقامي ماڻهو اهو ئي گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي، معدي جون بيماريون، السرچمڙي جي الرجي ۽ ٻيون موذي بيماريون وبا جيان ڦهلجي رهيون آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انتظاميا ترت قدم نه کنيا ته ساحلي پٽي ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. علائقي واسين ميڊيا کي ٻڌايو ته پي ايس 76 تان چونڊيل ايم پي اي ۽ موجوده صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز حاجي علي حسن زرداري جي ڪوششن سان علائقي ۾ روڊ رستن جي صورتحال ته بهتر ٿي آهي، پر رڳو روڊ رستا ترقي ناهن. اصل ترقي صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جنهن طرف هن وقت تائين ڪو به خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي. علائقي واسين صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳاڙھو، ٻگھاڻ، ڪيٽي بندر، سڄڻ واري، اداسي، دانڌاري جي علائقن ۾ فوري طور واٽر فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن. بيمارين ۾ وڪوڙيل مريضن لاءِ خاص طبي ڪيمپون قائم ڪيون وڃن. پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائي پورهيت عوام جي زندگين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.