ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، جر زهريلو، موذي مرضن ۾ واڌ

ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، جر زهريلو، موذي مرضن ۾ واڌ

ڪيٽي بندر (رپورٽ: آدم جانيارو) ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءَ ساحلي پٽيءَ وارن علائقن گھوڙا ٻاري . ڪيٽي ۽ کارو ڇاڻ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي شديد قلت ٿي وئي آهي ، جَر  جو پاڻي کارو ۽ زهريلو ٿيڻ ڪري هزارين رهواسي هيپاٽائيٽس سميت پيٽ جي مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.  ھينڊ پمپ کوھ پڻ کارا ٿي ويا آهن .علائقي واسين پاران تڪ جي ايم اين  اي ۽ صوبائي وزير کان ترت فلٽر پلانٽ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. علائقي واسين ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪڏهن انتظاميه ترت قدم نه کنيا ته ساحلي پٽي ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. هنن چيو ته علائقي ۾ روڊ رستن جي صورتحال ته بهتر ٿي آهي، پر رڳو روڊ رستا ترقي ناهن. اصل ترقي صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جنهن طرف هن وقت تائين ڪو به خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي. علائقي واسين صوبائي وزير علي حسن زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳاڙھو، ٻگھاڻ، ڪيٽي بند ر  . گھوڙا ٻاري .سڄڻ واري . ٺاري واري ڳاڙھو .پالڪي .جوھو جھالو ڌانڌاري ۽ ٻين علائقن ۾ فوري طور واٽر فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن.  جڏهن ته بيمارين ۾ وڪوڙيل مريضن لاءِ خاص طبي ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائي ھتان جي  ٽي لک کان مٿي  انساني آبادي  جي زندگين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.