ٺٽي جي ٻيلي ويران تي مبينا قبضا، ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جي سازش، فائرنگ، احتجاج

ٺٽي جي ٻيلي ويران تي مبينا قبضا، ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جي سازش، فائرنگ، احتجاج

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ويجهو سانپا موري لڳ ٻيلي ويران جي رھواسي ڳوٺاڻن رحيم ڏنو خاصخيلي، محمد شريف، علي شير، ڪرم خان، عابد علي، عطا محمد خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته سالن کان ٻيلي ويران ۾ آباد آھيون، جتي زمينون آباد ڪري پنھنجي ٻچن جو گذر سفر ڪري رھيا آھيون پر ٻيلي کاتي جي مبينا ڪرپشن پاليسي سبب ٻيلي ويران ۾ ھِن وقت غير مقامي ماڻھو تيزي سان زمينن تي قبضا ڪري صدين کان آباد مقامي ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جون سازشون شروع ڪري ڇڏيون آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو ته 2022ع ۾ آيل بااثر ماڻھن اسان جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي، اسان جي گھرن ۽ زمينن جا رستا بند ڪيا ويا آھن، مذڪورہ ماڻھو مختلف وقتن تي گھرن تي حملا ڪري فائرنگ ڪندا رھندا آھن، بااثرن جي زيادتين خلاف چڱن مڙسن کي دانھون ڏنيون آھن پر ڪير به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار آھي ۽ نه ئي وري پوليس نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار آھي، ڊي ايف او ٺٽو ۽ ايس ايس پي ٺٽو کي پڻ درخواستون ڏنيون آھن،  ھنن اعليٰ اختيارين کان بااثرن خلاف نوٽيس وٺي تحفظ ڏيارڻ جي گھر ڪئي آھي.