| ٺٽي ضلعي ۾ زمينن جو نئون رڪارڊ ٺاهڻ تي پابندي باوجود ڪوهستان ۽ سامونڊي پٽي تي قبضا |
ڌاٻيجي(ن پ ا) ٺٽي ضلعي جي زمينن جي نئين رڪارڊ ٺاهڻ تي سپريم ڪورٽ پاران بندش لڳائڻ باوجود روينيو کاتي جي ڪامورن ساحلي ۽ ڪوهستان واري پٽي جي زمين تي غير قانوني والار جو سلسلو جاري آھي، سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور سميت يوسي ڌاٻيجي، يوسي ڀنڀور ۽ ٽائون ڪاميٽي گهارو ديهه پليجاڻي، ديهه ڌاٻيجي، يوسي جهمپير، يوسي جنگشاهي، ديهه اڻ سروي گهارو جي حدن ۾ سرڪاري زمين جيڪا ديهھ اڻ سروي ۾ آھي، ان زمين تي بااثر ماڻھن قبضا ڪري سوين ايڪڙن تي غير قانوني پلاٽنگ ڪري فارم هائوس، ڪارخانا ۽ زراعت ڪئي پئي وڃي. ان زمين مان مقامي ماڻھن جي مال جي چاري سميت مقامي ماهيگيرن جا شهرن سميت روزگار تي اچڻ جا لنگهه پڻ بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب مقامي پورهيت بکون کاٽڻ ، بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن، چونڊيل نمائندن توڙي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر احتجاج ڪندڙ پورهيت اڳواڻ تنظيمون خاموش تماشائي ۽ بيوس بڻيل آهن، ذوالفقار علي ڀٽو پاران نجي فيڪٽريون لڳائڻ تي مل مالڪان کي 16-16 ايڪڙ زمين صنعت لڳائڻ لاءِ ڏني وئي جتي ادارا ختم ڪري زراعت سان گڏوگڏ غير قانوني پلاٽنگ ٿيڻ لڳي ۽ ڳوٺاڻن کي ڏنل مال چاري لاءِ زمين تي روينيو جي انتظاميا جي ملي ڀگت سان غير قانوني پلاٽنگ ٿيڻ لڳي يوسي ڀنڀور ۽ يوسي ڌاٻيجي جي حدن اندر سرڪاري زمين جيڪا ديهھ اڻ سروي گهارو ڪوهستان ۾ آھي، تنهن زمين تي ماڻھو قابض ٿي ڪري ڪوڙين ڪالونين جي آڙ ۾ ھزارين ايڪڙن تي مختلف نالن سان وڏا بورڊ هڻي ڪري غير قانوني طور تي پلاٽنگ ڪري اٻوجهه ماڻھن کي ٺڳي رهيا آھن، شهيد ذولفقار علي ڀٽو پاران صنعتڪارن کي ڏنل زمين تي به زرعي آبادي سان گڏوگڏ زمين تي بااثرن قبضا ڪري مقامي ماڻھن کان کسي ورتي زمين 16 ايڪڙن تي ڪوڙيون ڪالونيون ٺاهيون 80 گز 120 گز 240 گز جا پلاٽ اٻوجهھ ۽ بي خبر ماڻھن کي وڪرو ڪري ڏنا ٿا وڃن تن کان نه روينيو ڊپارٽمينٽ ضلعي ٺٽي جي ڪيترن ئي ڪامورن انهن خلاف اڄ تائين ڪوبه قانوني قدم نه کنيو جنهن جي ڪري هتان جا بااثر مختلف نالن سان روزانا سوين ايڪڙ زمينن تي پلاٽنگ ڪري رهيا آھن جنهن جي پٺڀرائي هتان جا بااثر ماڻھن جي هئڻ جي ڪري انهي زمين تي ، زرعي آبادي ۽ ڪڪڙن جا فارم ٺاهي ڪري ويهي رهيا آھين جتي ٻاهريان ماڻھو اتي پلاٽنگ سان گڏوگڏ ڪاروبار ڪرڻ لڳا، علائقي واسين سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.