ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ويجھو مشهور درگاھ ستيون لڳ بوائز پرائمري اسڪول درگاھ ستيون جي عمارت جي ڪم نه ٿيڻ خلاف اسڪولي
شاگردن ۽ شاگردياڻين احمد، بختارو، فرحانه، پارس، زين ۽ ٻين زبون حالي جي ور چڙهيل اسڪولي عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته سندن اسڪولي عمارت کي ٺيڪيدار پاران مرمت ڪرائڻ بهاني سموري اسڪول جي ڇت کي لهرائي ڇڏيو آهي
۽ ڪيتري عرصي کان وٺي اسڪول جو رهيل ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو. هنن چيو اسڪولي عمارت جي ڪم جي رولڙي جي ور چڙهڻ ڪري هنن جو تعليمي مستقبل سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته اسڪولي عمارت جي ڪم نه ٿيڻ ڪري ڀرپاسي جي مڊل اسڪول جي زبون حال ڪمري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهيون
هنن چيو ته ڪمري جي ڇت مان روزانو چاپڙ ڪري رهيا آهن جنهن ڪري جانين کي سخت خطرو آهي. لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسڪول جي عمارت جو ڪم مڪمل ڪرائي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.