ٺٽي ويجهو خوفناڪ حادثو: ٻن عورتن ۽ ٻارڙي سميت 7 ڄڻا فوت: 15 کان وڌيڪ زخمي

آگسٽ 24, 2023

ٺٽو(رپورٽ: محبوب بروهي) جهرڪ ويجهو بسم الله چوڪ وٽ خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ ھڪ ٻارڙِي سميت 7 مسافر فوت ٿي ويا آھن ۽ 15 کان مٿي مسافر زخمي ٿيا آھن

حيدرآباد کان ٺٽي ايندڙ مسافر وين سامهون ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن ۽ ھڪ ٻارڙِي سميت 7 مسافر تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان مٿي مسافر زخمي ٻڌايا پيا وڃن

فوتين ۾  25ورهين جو شھدادڪوٽ واسي نادر علي بروهي، 33ورهين جو ڪوٽڙي واسي غلام حسين ميمڻ   56 ورهين جو سونڊا واسي مختيار علي، 17ورهين جو لوڌران واسي محمد عليز، 55 ورهين جو حيدرآباد واسي ذوالفقار علي راڄپر ، سجاول واسڻ حاجران، شامل آھن

زخمين ۾ وڪيل منور ڀٽو، نورجهان زال مختيار ڊيرا غازي خان، راحيلا ڀٽو ڌيءَ ربنواز ڀٽو ٺٽو، غلام مصطفا ولد محمد حسين جوڻيجو سجاول، عزيزه ڌي محمد ابراهيم حيدرآباد، صابر علي لودران پنجاب، عبدالستار ولد محمد موسا کوسو نوشهروفيروز، شعبان علي ولد غلام علي دادو، قربان علي ولد اقبال صادق آباد، سڪندر ولد محمد مٺل ملاح خيرپور، ڪريم بخش ولد صدرالدين تڙ خواجا حيدرآباد شامل آهن

زخمين ۾ عورت اڳواڻ راحيله ڀٽو به شامل آهي جڏهن ته ڀيڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي ڪريون پيا

وين حادثي ۾ زخمي ٿيل 15 مسافرن کي جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتان طبعي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment