| ٺٽي ويجهو ميلي ۾ شاندار ملاکڙو، پهلوانن جا زبردست مقابلا |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو درگاھ حضرت سيد سخي شھيد بلاول شاھ ڍوري واري جو ساليانو 2 ڏينھن وارو ميلو ڳوٺ جمعون بڪڪ لڳ ملھايو ويو، ميلي جي آخري ڏينھن تي ملاکڙو ٿيو جنھن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ ملھه پھلوان غلام نبي شيدي، غلام حسين پٺاڻ، خان بھادر شورو، فدا پٺاڻ، آصف مگسي، حفيظ خاصخيلي، نديم ملاح، سيد اياز شاھ بخاري، دادلو شيدي، نصرالله شيدي، عمير شيدي، وسيم شيدي، جاني شيخ، رحمان شيخ، نويد بلوچ، زوھيب شر، اشفاق مرکنڊ، رزاق شيدي، ڀورو ڀيل، بادل مري، پھلوان گجر، زاھد جوکيو ۽ ٻين ملھون ماري خوب انعام ۽ داد حاصل ڪيو. خدابخش بڪڪ، فقير علي گوھر ٻارڻ، قاسم خان ملڪاڻي، حاجي گل محمد سمون ، غلامي ھنڱورو ، يوسي چيئرمين محمد عيسيٰ ھيجب ۽ ٻين انعام ڏيئي پھلوانن جي حوصلا افزائي ڪئي. صوفياڻي محفل ۾ صوفي فقير عبدالمجيد جتوئي فن جو مظاھرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو.