ٺٽي ڀرسان جهيڙو، وڏي ڀاءَ ننڍي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

ٺٽي ڀرسان جهيڙو، وڏي ڀاءَ ننڍي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ڀرسان معمولي ڳالهه تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪي ڊي اي موري وٽ ڳوٺ ٻيليچو واسي ٻن ڀائرن نصير ۽ لڌو ٻيليچو وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، لڌو ٻيليچو پسٽل جا فائر ڪري ڀاءُ نصير کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به فائر ڪري آپگهات ڪيو، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو  ويو، گهر ۾ ڪهرام  متل هو،  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيل ٻنھي ڀائرن جي لاشن کي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٺٽي جي ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ سول اسپتال پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪري کين راضي ڪرڻ کانپوءِ ٻنھي ڀائرن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪيا ويا، ھوڏانھن ٻنھي مقتول ڀائرن جي والد خان بھادر ٻيليچو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽن جي قسمت اھڙي ھئي باقي منجھن ڪوئي تڪرار نه ھيو منھنجي وڏي پٽ لڌي ٻيليچي ٻئي منھنجي ننڍي پٽ نصير ٻيليچي تي فائر ڪرڻ بعد پاڻ کي به گوليون ھنيون.