ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ پيپلزپارٽي شيرازي ۽ ارباب ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

نومبر 6, 2023

ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ پيپلزپارٽي شيرازي ۽ ارباب ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، ميرپور بٺورو ويجهو يوسي علي اڪبر شاهه ۾ ٻنهي ڌڙن جي ڌار ڌار جلسن ۾ اڳواڻن جا هڪ ٻئي تي الزام، اياز شاهه شيرازي چيو ته ارباب موقعي پرست آهن، ٻوڏ ۽ مصيبتن وقت غائب ٿي ويندا آهن، اليڪشن جي موسم ۾ ظاهر ٿيندا آهن، ارباب وزير ميمڻ چيو ته شيرازي لوٽا آهن، شيرازين ماضيءَ ۾ هر آمر جو ساٿ ڏنو ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي موچڙا هڻايا، پ پ جي ڪارڪنن هنن کي پارٽي قيادت آڏو جهڪڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي

Leave A Comment