| ٺٽي ۽ سجاول ۾ ڪارروائي، هزارين ليٽر پئٽرول ۽ آئل ضبط، ڪسٽم اهلڪارن جو گهيرو |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۽ سجاول جي ڪسٽم اَھلڪارن پاران مُختلف پـئٽرول پمپن تي ڪاروائي دوران ھزارين ليٽر پئٽرول ۽ آئل ضبط ڪري کڻي وڃڻ توڙي پَمپ مُلازمن تي مبينا تشدد خِلاف شھرين مڪلي باءِ پاس تي احتجاج ڪري ڪَسٽم وارن جو گھيراءُ ڪري ڪسٽم اھلڪارن ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي رپورٽ موجب ٺٽي ۽ سجاول جي ڪسٽم اھلڪارن پاران سجاول جي ٻيلو ڀرسان پيٽرول تي ڇاپو ھڻي 10 ھزار پئٽرول ۽ آئل کڻي وڃڻ توڙي ملازمن تي مبينا تشدد ڪرڻ واري اطلاع ملڻ ٺٽو مڪلي باءِ پاس تي شھرين سخت احتجاج ڪندي ڪسٽم اھلڪارن جو گهيراءُ ڪري سخت نعري بازي ڪئي جڏھن تہ ان موقعي تي بئريسٽر ذوالقرنين شاہ چيو ته ڪسٽم وارن کي پئٽرول ۽ ڊيزل جون رسيدون ڏيکارڻ باوجود غير قانوني ڪاروائي ڪري زبردستي پئٽرول ۽ ڊيزل کڻڻ سان گڏ ملازمن تي پڻ تشدد ڪيو آھي جڏھن ته احتجاج ڪندڙ شھرين پاران پڻ چيو ويو ته پئٽرول پمپن تي ڀتاخوري لاءِ ڪاروايون ڪيون ٿيون وڃن جڏھن تہ آفيشلي طور ھڪ ڪاروائي جي پڌرائي به جاري نٿي ٿئي ۽ ملازمن تي تشدد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي ٻئي پاسي ڪسٽم اھلڪارن چيو آھي تہ ھنن ھڪ پئٽرول پمپ تي ڪاروائي ڪئي۽ ڪاروائي دوران پئٽرول پمپ تان 4، 5 ھزار ليٽر پئٽرول کنيو آھي جنھن جي رسيد ڏني ويندي ھوڏانھن ڪسٽم اھلڪارن جي اھڙي ڪاروائي تي شھرين سخت رد عمل ظاھر ڪندي اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي .