ٺٽي ۽ مڪلي جي ٻن ڏينهن کان بجلي بند، نوجوانن جو ڌرڻو
جُون 28, 2025
ٺٽو (پنهنجي ڊيسڪ) ٺٽي ۽ مڪلي جي گذريل ٻن ڏينهن کان بجلي جي بريڪ ڊائون خلاف نوجوان جو مڪلي باءِ پاس تي ڌرڻو
ٺٽو يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن فهد ڪرناڻي، ارباز درس، نعيم خاصخيلي، عباس زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ۽ مڪلي جي نوجوانن پاران بجلي جي مسلسل بندش ۽ حيسڪو انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي مڪلي باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان ٺٽي ۽ مڪلي تي معمولي برسات کانپوء 24 ڪلاڪن تائين بجلي مڪمل بند رهي ۽ اڄ بجلي جي بحالي کانپوء ٻيهر بجلي جي اک ٻُوٽ جو سلسلو جاري آھي.
قهر جي گرمي ۾ بجلي بند هجڻ دوران شھرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي، ٺٽي ۽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بحران وڌي ويوآھي پر حيسڪو انتظاميا توڙي چونڊيل نمائنده خاموش تماشائي بڻيل آھن
انهن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ٺٽي ۽ مڪلي ۾ محرم الحرام دوران مڪمل بجلي جي بحالي يقيني بڻائي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي.