ٺٽي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ گرفتار، ٿاڻي اڳيان احتجاج بعد آزاد

ٺٽي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ گرفتار، ٿاڻي اڳيان احتجاج بعد آزاد

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شھر جي معزز شخصيت عبالغني قريشي جي پٽ اسد قريشي تي مڪلي ٿاڻي سامھون قومي شاھراہ تي اوباش قسم جي نوجوانن پاران تشدد ڪرڻ بعد پوليس وٽ حملي آوارن خلاف رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود گرفتار نه ڪرڻ تي اسد قريشي جو چاچو ۽ ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ راجو قريشي مڪلي ٿاڻي تي پھچي اتي موجود ايس ايچ او کان حملي آوار گرفتار نہ ڪرڻ بابت پڇا ڪئي تي ايس ايچ او تيش ۾ اچي کيس گارگند ڪندي لاڪ اپ ۾ واڙي مٿس سخت تشدد ڪيو، سڄي رات کيس لاڪ اپ ۾ ويھاري ڇڏيو اھڙو اطلاع ملندي ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن مڪلي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو جنھن بعد پوليس راجو قريشي کي آزاد ڪري ڇڏيو.