ٺٽي ۾ بدامني خلاف شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٽرئفڪ معطل

مَي 29, 2025

ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي)ٺٽي ۾ ضلعي بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڇتوچنڊ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ درزي جي دڪان کي کاٽ ھڻي ڪپڙا چوري ڪرڻ خلاف شھري ۽ ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا، قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ڇتوچنڊ ۾ درزي سليمان جاکرو جي درزي جي دڪان کي کاٽ ھڻي چور عيد جا سبيل قيمتي نوان هزارين روپين جا ڪپڙا چوري ڪري ويا، واقعي خلاف سليمان جاکرو مصري خاصخيلي، خان محمد بروهي، حنيف مولائي درزي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڇتوچنڊ جي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٺٽو حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته چورن درزي سليمان جاکرو جي دڪان کي کاٽ ھڻي لکين روپين جا ڪپڙا ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا پر پوليس ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي ڇتوچنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ چورين، ڦرن، توڙي چوپائي مال جي چوري جا واقعا وڌي ويا آھن، پوليس تماشائي بڻيل آھي، جنهن سبب  شھري ۽ ڳوٺاڻا عدم تحفظ جو شڪار آهن، مظاهرين  اعليٰ اختيارين کان فوري طور تي نوٽيس وٺي بدامني تي ضابطو آڻڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند