ٺٽي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، دڪانن ۽ هوٽلن آڏو اڏاوتون ڊاهي پٽ

آڪٽوبر 1, 2023

ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽي جي ضلعي انتظاميه عدالتي حڪمن تي مڪلي ۾ ناجائز حددخلين ۽ اڏاوتن خلاف آپريشن شروع ڪندي حددخليون ھٽائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي

 مڪلي ۾ ٺٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر وقاص ملوڪ خٽڪ جي اڳواڻي ۾ دبئي سينٽر مڪلي غلام الله روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڳرين مشينري ذريعي وڏي پئماني تي ڪاروائي ڪندي دڪانن ۽ هوٽلن آڏو ٿيل غير قانوني اڏاوتن ۽ ڇاپرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي

 عدالتي حڪمن تي غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪاروائي جي شروع ٿيڻ کان اڳ پڻ ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مڪلي ۾ هتان جي هوٽل توڙي دڪان مالڪن پاران پڻ سندن دڪانن ۽ هوٽلن سامهون ٿيل غير قانوني اڏاوتن کي داثو ويو آهي

 جڏهن ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف هلندڙ ڪاروائي جي اڳواڻي ڪندِ ٺٽي جي اي سي وقاص ملوڪ خٽڪ چيو آهي ته عدالتي حڪمن جي پوئيواري ڪندي غيرقانوني ٿيل سمورين اڏاوتن کي داٿو ويندو هن چيو ته مڪلي ۾ غيرقانوني ٿيل اڏاوتن خلاف ڪاروائي بعد ٺٽي شهر ۾ پڻ قومي شاهراھ جي ٻنهي پاسن کان ٿيل غيرقانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ لاءِ ترت ڪاروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment