| ٺٽي ۾ رمضان نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ شاهه لاهوت ڪلب کٽي ورتو: المهراڻ کي شڪست |
ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) راندين جي کاتي ٺٽي طرفان اڳوڻي صوبائي وزير الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ياد ۾ رمضان نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ مڪلي فٽبال گرائونڊ تي ٽورنامنيٽ جو آخري مئچ ٻن ٽيمن المھراڻ فٽبال ٽيم مڪلي ۽ شاھ لاھوت فٽبال ٽيم ٺٽو وچ ۾ کيڏيو ويو ٻنھي ٽيمن وچ مقابلي سخت رھيو ۽ مقرر وقت ۾ ڪنھن به ٽيم پاران گول نه ڪرڻ جي صورت ۾ شاھ لاھوت ٽيم ٺٽو سندس مقابلي واري ٽيم کان پئنلٽي ڪڪ وسيلي ھڪ گول ڪري مقابلو کٽي ورتو جڏھن ته ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھه شيرازي کٽيندڙ ۽ ھارائيندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافيون ورهايون جڏهن ته کٽندڙ ٽيم کي 40 ھزار روپيا ۽ ھارائيندڙ ٽيم کي 30 ھزار رپيا روڪ ڏنا ويا. پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي رياض شاهه شيرازي چيو ته ھي رمضان نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ سندس والد سيد اعجاز علي شاھه شيرازي جي ياد ۾ منعقد ڪيو ويو آھي، جيڪو اسان کان ڪڏھن به وسري نٿو سگھي ۽ ھو ھر وقت اسانجي دلين ۾ موجود آھي جڏھن ته تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر ٺٽو اظھر علي بروھي چيو ته نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ 10 رمضان شريف کان شروع ٿيو، جنھن ۾ 14 ٽيمن حصو ورتو