| ٺٽي ۾ سونارڪي دڪان مان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي چوري |
ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ سونارڪي دڪان مان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي چوري ٿي وئي. ان ڏس ۾ تاريخي سوناره گلي ( صرافه بازار) جي سوناري يوسف ميمڻ جي سوناري جي دڪان جي ڇت جا سريا ڪٽي ، دوڪان ۾ داخل ٿي ھڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جو 20 تولا سون ۽ 3 لک روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد سونارن ھڙتال ڪري سموري صرافه بازار بند ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي متاثر دوڪاندار يوسف ميمڻ ، صرافه بازار جي اڳواڻ ، الياس ميمڻ ، تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر ڪامران قريشي ، مٺا خان لاشاري ، حاجي وسيم ٽڪاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي ته ٺٽي شھر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اھو ڏينھن خالي ناھي جو ڏوھارين پاران ڪا ڏوھي واردات نه ٿيندي ھجي ، ھنن چيو ٺٽي شھر ۾ چورين ، ڦرن ۽ ڌاڙن ۽ دڪانن ۾ لڳندڙ کاٽ معمول بڻجي ويا آھن پر پوليس ڏوھن تي ضابطي آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آھي ھنن چيو ته صرافه بازار شھر جي پوليس چوڪيءَ سان ڀرسان آھي ۽ پوليس جي گشت نه ھجڻ ڪري چور رات جو فائدو وٺي سوناري يوسف ميمڻ جي سوناري جي دڪان جي ڇت جا سريا ڪٽي ان ۾ داخل ٿي 20 تولا سون ۽ روڪ رقم 3 لک رپين جو کاٽ ھڻي چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو ته واقعي جي اطلاع ملڻ جي باوجود پوليس واردات واري ھنڌ 2 ڪلاڪن جي گذرڻ بعد پھتي ھنن چيو ته ٺٽي شھر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورين ، ڦر ، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوھي وارداتن جي وڌڻ سبب شھر جي واپارين توڙي پرامن شھرين ۾ سخت خوف واري لھر ڊوڙي وئي آھي ۽ ايستائين پرامن شھري عدم تحفظ جو شڪار سمجھي ٻين شھرن مان خريداري کان به قاصر ٿي ويا آھن ھنن چتاءُ ڏيندي چيو آھي ته فوري طور تي صرافه بازار جي سوناري يوسف ميمڻ جي سوناري جي دڪان مان ٿيل 20 تولا سون ۽ 3 لک روڪ رقم واري چوري ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪري سندن وٽان چوري واپس نه ڪرائي وئي ته ٺٽي شھر ۾ مڪمل ھڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو،
پوليس گشت نه ھجڻ ڪري واپاري غير محفوظ آھن: ايم اين اي صادق ميمڻ پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر
ٺٽو : ٺٽي ۾چوري واري ھنڌ تي قومي اسيمبلي ميمبر صادق علي ميمڻ پھچي متاثر سوناري ۽ ٺٽي جي واپارين سان ملاقات ڪري ٺٽي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي پڻ عدم اطمينان جو اظھار ڪندي چيو آھي ته شھر ۾ پوليس جي گشت نه ھجڻ ڪري واپاري غير محفوظ آھن ۽ ايس ايس پي ٺٽي کي مامري جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ھن چيو ته ھو پڻ ايس ايس پي سان رابطو ڪري واپارين جي پوليس عملدارن سان گڏجاڻي ڪرائي سندن خدشن کي ختم ڪرائڻ سان گڏ پوليس جي ڪارڪردگي تي پڻ ايس ايس پي کي نوٽيس وٺڻ لاءِ چيو ويندو جڏھن ته ان موقعي تي تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ڪامران قريشي پڻ چيو ته لاڳيتي وارادتن سبب ھو شھري ڪاروباري ماڻھو عدم تحفظ جو شڪار آھن ۽ هاڻي سندن صبر جو پئمانو ختم ٿي رهيو آھي جيڪڏھن چوري ٿيل سون واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ھو ٻئي مرحلي ۾ شاهي بازار ٺٽي سميت پوري ضلعي اندر شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيندا ھوڏانھن ٺٽي شھر جي صرافه بازار مان سوناري يوسف ميمڻ جي سوناري جي دڪان مان ٿيل ھڪ ڪروڙ ماليت جي 20 تولا سون ۽ روڪ رقم 3 لک رپين جي چوري ٿيڻ تي صرافه بازار ۾ مڪمل ھڙتال رھي ، سونارن جي دڪانن بند ھجڻ ڪري شھر جي صرافه بازار ۾ سون جو پڻ بند رھيو.
ڊي ايس پي پهتو: پوليس پاران فنگر پرنٽ ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي جاچ شروع
ٺٽو: ٺٽي جي ڊي ايس پي وحيد لاڙ ۽ ٿاڻي جي ايس ايچ او ضياد نوناري شھر جي صرافه بازار جي سوناري جي دڪان تي پھچي متاثر دڪاندار ، واپاري اڳواڻن ۽ شھرين سان ملاقات ڪري وارادت واري ھنڌ جو جائزو وٺڻ سان گڏ فنگر پرنٽ ۽ سي سي ٽي وي جا فوٽيج حاصل ڪري گهڻ رخي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي جڏھن ته خبر جي فائيل ٿيڻ تائين پوليس سوناري بازار مان ٿيل چوري ۾ ملوث ڪنھن به ڏوھاري کي گرفتار نه ڪري سگهي ھئي .