| ٺٽي ۾ معدنيات جي مائننگ ٿي ته سمنڊ زمين تي چڙهت ڪندو: هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ عمر ڪاتيار مان لائيم اسٽون ( چن جو پٿر ) ڪڍڻ خلاف داخل درخواست تي ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر کي 3فيبروري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم باوجود علائقي مان واري، بجري ۽ چن جو پٿر ڪڍڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته انساني آبادي ويجهو لائيم اسٽون ڪڍڻ قانوني ڏوهه آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ٺيڪيدار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهين سرڪاري زمين تان واري ۽ بجري ڇو کڻي رهيا آهيو؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اهڙي ريت مائننگ ڪئي وئي ته سمنڊ زمين اندر داخل ٿي سگهي ٿو، جيڪو خطرناڪ نتيجا پيدا ڪندو، ٻڌڻي دوران ٺيڪيدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر چن جو پٿر ڪڍڻ جي اجازت ڏني آهي، وٽن 2033ع تائين مائننگ جو لائسنس موجود آهي، عدالت سوال ڪيو ته لائيم اسٽون مائننگ دوران ڪهڙيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون آهن؟ جنهن تي ٺيڪيدار جي وڪيل چيو ته سيپا جي سڀني ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ گذريل سال مائننگ روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي فيصلي باوجود علائقي ۾ مائننگ جو عمل جاري آهي.