ٺٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي اڻهوند خلاف عورتن جو ڏنڊا، بالٽيون ۽ ٿانو کڻي احتجاج، ڌرڻو
مارچ 17, 2025
ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي اڻهوند خلاف عورتن جو ڏنڊا، بالٽيون ۽ ٿانو کڻي احتجاج، ڌرڻو ان ڏس ۾ ٺٽي جي شهر سونڊا ويجھو ڳوٺ گل محمد گندرو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿي ويل سخت کوٽ خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، جن ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي رڪاوٽون وجھي عورتن ۽ ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪري هتان کان لنگهندڙ ٻنهي پاسن جي ٽرئفڪ معطل ڪري پاڻي جي فراهمي لاءِ نعري بازي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن موسو گندرو، غلام حسين گندرو، شفيع محمد، نياز گندرو، رمضان گندرو، شريف گندرو، مصطفيٰ گندرو، ڪارو گندرو ۽ عورتن چيو ته سندن ڳوٺ سونڊا شهر ڀرسان هوندي به ڪيتري عرصي کان وٺي پيئڻ جو پاڻي ناهي ۽ هتان جون عورتون ۽ معصوم ٻارڙا پيئن جي پاڻي جي ڍُڪ ڍُڪ لاءِ تڙپي رهيا آهن، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن، ان جي باوجود کين پيئڻ لاءِ پاڻي جو ڍُڪ به نٿو ملي، هنن چيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو آهي ۽ سخت گرمي به آهي، جنهن ڪري هو رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ روزا به سخت پريشانين ۾ رکي رهيا آهن، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين کين پيئڻ جو پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، تيستائين سندن قومي شاهراھه تي احتجاج جاري رهندو، هوڏانهن ڪينجهر پوليس پڻ احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪري قومي شاهراھه کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مظاهري ڪندڙ عورتن انڪار ڪندي پاڻي جي گهر ڪئي ته پهريان پاڻي فراهمي بحال ڪرايو پوءِ ڳالهيون ڪريو، ٻئي پاسي قومي شاهراھ تي هنيل 3 ڪلاڪن واري عورتن، معصوم ٻارڙن ۽ ڳوٺاڻن جي احتجاجي مظاهري دوران يونين ڪائونسل سونڊا جي چيئرمين شاهنوار هيلايو مظاهرين وٽ ساڻن ڳالهيون ڪري پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي جي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ڪندڙ مظاهرو ختم ڪري ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي ٻنهي پاسن ڪيترن ڪلاڪن کان سوين گاڏين جي بيهڻ سبب معطل ٽرئفڪ کي بحال ڪري ڇڏيو.