ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي ۾ پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري جي اوطاق مان پوليس اهلڪار جو گولي لڳل لاش هٿ، پوليس جاچ کان اڳ ئي واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو
پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار خادم کوسو اوطاق جي واش روم ۾ سرڪاري هٿيار سان پاڻ تي فائر ڪيو، نيو سعيد آباد واسي اهلڪار خادم کوسو محسن هائوس ٺٽو ۾ گيٽ تي انچارج مقرر هو
پوليس موجب اهلڪار ڪجهه ڏينهن کان پريشان رهندو هو، اڄ هڪ ڪال اچڻ بعد واش روم ۾ وڃي آپگهات ڪيو، واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي